ديامر ڀاشا ڊيم سان پاڻي جي فراهمي وڌندي، پر سستي بجلي حاصل نه ٿيندي: اويس لغاري

Spread the love

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته ديامر ڀاشا ڊيم سان پاڻي جي فراهمي وڌندي ، پر سستي بجلي حاصل نه ٿيندي.
اسلام آباد ۾ بجلي جي شعبي ۾ تبديلين بابت ورڪشاپ کي خطاب ڪندي اويس لغاري چيو ته حڪومت سستي ۽ دستياب بجلي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ انهي سلسلي ۾ هڙئي ترقياتي ڀائيوار سهڪار ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته حڪومت کي بجلي جي خريد ۽ وڪرو مان ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته نجڪاري سبب واهپيدارن کي ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ جو منهن نه ڏسڻو پئي.
اويس لغاري جو چوڻ هو ته ديامر ڀاشا ڊيم مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ فنڊ نه پيا ملن، ڊيم مان پاڻي جي فراهمي وڌندي پر ڀاشا ڊيم مان سستي بجلي ممڪن نه هوندي ۽ اها بجلي مهانگي ٿيندي.
توانائي وزير وڌيڪ چيو ته ٽن يا چئن دوران توانائي شعبي جا نقصان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، حڪومت وٽ گرڊ جي وقت سر معلومات نه هوندي آهي، تنهنڪري بنيادي لوڊ لاءِ پاڪستان کي ڪوئلي ۽ گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ وڌائڻي پوندي.
اويس لغاري چيو ته بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي سج جي توانائي تي هلائڻ سان ساليانو 60 ارب رپين جي بچت ٿيندي.

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو