آزادي لاءِ عمران خان آڏو ڪهڙا شرط رکيا ويا؟ عليمه خان ٻڌائي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان رڳو قانون جي حڪمراني، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي چاهي ٿو ۽ هو پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندو.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان انڪشاف ڪيو ته ٻه سال اڳ عمران خان کي چيو ويو هو ته هو ٽي سال تائين خاموش رهڻ قبول ڪري ۽ ” چورايل مينڊيٽ“ واري حڪومت کي هلڻ ڏئي پر عمران خان ان تجويز کي رد ڪندي چيو ته ” هو يزيد جي ظلم آڏو ٽن منٽن لاءِ به چپ نه ويهندو“
عليمه خان ٻڌايو ته اڄ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي باني سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. اعظم سواتي، نورالحق قادري، عون عباس بپي، فلڪ ناز چترالي، سميع الله خان ۽ قاضي انور کي اڊيالا جيل جي گيٽ تان ئي واپس موڪليو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جو موقف آهي ته 9 مئي جي واقعن کانپوءِ کيس معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو، جڏهن ته هن انڪار ڪندي چيو ته معافي اهي ماڻھن گهرن، جن سي سي ٽي وي فوٽيج چوري ڪيا، ماڻهن کي اغوا ۽ شهيد ڪيو.
عليمه خان جو چوڻ هو ته جڏهن ڳالهين جي ميز تي” ڏيو ۽ وٺو “واري صورتحال پيدا ٿئي، تڏهن عمران خان پنهنجي اصولي موقف تان جئين پوئتي هٽندو، ڇو ته سندس اصول جمهوريت جي بحالي، انصاف ۽ آئين جي بالادستي تي ٻڌل آهي.
هن 26هين آئيني ترميم تي به سوال اُٿاريندي چيو ته اها ترميم 8 فيبروري واري چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي کي لڪائڻ لاءِ ڪئي وئي، جيڪا ن ليگ ۽ ان جي اتحادي ڌرين جو ٺاهيل منصوبو هو.
عليمه خان موجب، ان ترميم جي غلط تشريح ڪري ملٽري ڪورٽس جوڙيون ويون ۽ عدليه کي محدود ڪيو ويو. هن الزام هنيو ته عدالتي آزادي تي به پابنديون آهن، جنهن سبب عمران خان جا ڪيس لڳايا ئي نٿا وڃن ۽ مخصوص سيٽن واري معاملي تي پي ٽي آءِ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.
عليمه خان جو چوڻ هو ته اڄ به عدالت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، جنهن تي جج ڪاوڙ ۾ عدالت مان اٿي هليو ويو.
هن چيو ته جتي عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿئي، اتي ججن وٽ به اختيار باقي نه ٿو رهي.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ پرامن احتجاج جي سڏ ڏئي رهيو آهي، ڇو ته جيستائين قوم ظلم برداشت ڪندي رهندي، نظام نه بدلبو.
عليمه خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن قوم چاهي ٿي ته عمران خان آزاد ٿئي، ته پوءِ ججن کي آزادي سان فيصلو ڪرڻو پوندو.