عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ڳالهيون ” ڏيو ۽ وٺو“ جي بنياد تي نه ٿينديون: علي ظفر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان واضح ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جا در کليل آهن، پر ”ڪجهه وٺو ڪجهه ڏيو“ جي بنياد تي ڳالهيون نه ٿينديون.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته عمران خان چيو آهي ته هو ملڪ جي بهتري لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي ۽ ملڪ ۾ اتحاد خاطر ڪنهن به وقت ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون.
علي ظفر ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته هو پنهنجي لاءِ ڪا به رعايت نٿو گهري، رعايت گهرڻي هجي ها ته گهڻو ائين ڪري ڇڏيان ها.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پارٽي قيادت کي تحريڪ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو اڳيان نه آيو ته هاڻي هو برداشت نه ڪندو
عمران خان اهو به چيو آهي ته هاڻي ڪنهن کي به وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏڻ جي اجازت نه ملندي.
سينيٽر علي ظفر موجب، عمران خان چيو آهي ته هو رڳو انصاف چاهي ٿو، ڪيس جلدي ٻڌا وڃن، پي ٽي آءِ باني احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري چڪو آهي، چئن پنجن ڏينهن ۾ حڪمت عملي تيار ڪنداسين.

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو