انساني حقن جي عالمي تنظيمن جو پاڪستان کان بلوچ يڪجهتي ڪميٽي خلاف ڪريڪ ڊائون روڪڻ جو مطالبو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن جي عالمي تنظيمن پاڪستان کان بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي (بي واءِ سي ) خلاف جاري ڪارروائين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن کي فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي نالي لکيل گڏيل خط ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل، ايشيائي فورم فار هيومن رائٽس اينڊ ڊيولپمينٽ، فرنٽ لائين ڊيفينڊرز، انٽرنيشنل فيڊريشن فار هيومن رائٽس ۽ ورلڊ آرگنائيزيشن اگينسٽ ٽارچر پاڪستان ۾ بلوچ حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪارڪنن کي اظهار جي آزادي ۽ پُرامن احتجاج تي هراسان ڪرڻ ۽ سندن گرفتارين جي سخت مذمت ڪئي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته بي واءِ سي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون نه رڳو پاڪستان جي آئين پر پاڪستان تي بين الاقوامي قانوني ذميوارين جي به ڀڃڪڙي آهي.
انساني حقن جي تنظيمن موجب، حڪومت طرفان ڪارڪنن کي غيرقانوني طور نظربند رکڻ لاءِ پبلڪ آرڊر، سائبر ڪرائيم ۽ دهشتگردي روڪڻ بابت قانونن سميت ٿري ايم پي او، پيڪا ۽ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
خط ۾ مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ٿيل بلوچ ڪارڪنن ۽ سندن گهر وارن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ۽ مٿن داخل ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن.
ان کانسواءِ اهو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيستائين اهي ماڻهو آزاد نٿا ٿين، سندن حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ ٻڌايو وڃي ته هو ڪٿي آهن ۽ سندن وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ گھر وارن سان ملاقات يقيني بڻائي وڃي.
ياد رهي ته ڪوئيٽا مان ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، بي واءِ سي جي ٻين اڳواڻن ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن سميت 150 کان وڌيڪ ماڻهن کي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو.
ان کانپوءِ گهرو کاتي طرفان بي واءِ سي جي اڳواڻن ڊاڪٽر ماهه رنگ، بيبو بلوچ، گلزادي بلوچ، صبغت الله شاهه جي، بيبرگ بلوچ ۽ نيشنل پارٽي جي سينيئر ڪارڪن غفار بلوچ سميت ٻين سڀني جي نظربنديءَ جو حڪم واپس ورتو ويو، جنهن کانپوءِ سندن آزادي عمل ۾ آئي.

مَي 29, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو