دادو: ضلعي ايجوڪيشن آفيسر فرح ناز چنہ پاران مفت درسي ڪتاب تقسيم
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ضلعي دادو جي ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تعليم کاتي جي ضلعي تعليمي آفيسر ميڊم فرح ناز چنہ طرفان جوهي جي ويئرهاوس تي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن لاءِ نئين تعليمي سال 2025 جي مفت درسي ڪتابن جي ورهاست ڪئي وئي،
جنهن ۾ تعلقي جوهي تعلقہ آفيسر نياز احمد پڻ شريڪ هو ڪتابن جي ورهاست دوران معلوم ٿيو ته نائين ۽ ستين ڪلاس جي سنڌي مضمون جا ڪتاب اسٽاڪ ۾ نه پهچي سگهيا، جنهن سبب اسڪولن جي ذميوارن ۽ والدين ۾ پريشاني پکڙجي وئي.
والدين جو چوڻ هو ته سنڌي اسان جي مادري ٻولي آهي، ان جو ڪتاب نه هجڻ تعليم سان زيادتي آهي. ڪيترن ئي اسڪولن جي استادن به خدشو ظاهر ڪندي چيو ته سنڌي ڪتاب نه ملڻ سبب شاگردن جي بنيادي تعليم متاثر ٿيندي،
ڇو ته سنڌي صرف مضمون نه پر سڃاڻپ جي ٻولي به آهي ان سلسلي ۾ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر سيڪينڊري ميڊم فرح ناز چنہ وضاحت ڪندي چيو ته، اسان جي ڪوشش آهي ته سمورن شاگردن تائين ڪتاب وقت سر ۽ صحيح طريقي سان پهچن. سنڌي مضمون جا نائين ۽ ستين ڪلاس جا ڪتاب موجود نه هئا،
جنهن بابت اسين اڳ ۾ ئي لاڳاپيل کاتي کي آگاهه ڪري چڪا آهيون. اميد آهي ته جلد ئي اهي ڪتاب پڻ مهيا ڪيا ويندا تعليمي عملدارن موجب ڪتابن جي فراهمي جو عمل صوبائي سطح تان ڪيو وڃي ٿو، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه مضمونن جي ڪتابن ۾ دير يا کوٽ اچي ٿي.
مقامي سطح تي عملو ورهاست جي ذميواري نڀائي ٿو. هوڏانهن علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي مضمون جي ڪتابن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن ٻارن کي سندن تعليم مادري ٻوليءَ ۾ رواني سان جاري رکي سگجي.
مَي 28, 2025