دادو: ڊي اي او پرائمري تي اضافي مقررين لاءِ زبردستي دٻاءُ وجهڻ جي الزامن ۾ واڌ، ٽي اي او جوهي ميل جو ليٽر پڻ منظر عام تي اچي ويو

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) ضلعي دادو ۾ تعليم کاتي جي پرائمري شعبي ۾ خالي جائين جي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن جي مبينا رشوت عيوض مقرري بابت نئون تڪرار سامهون اچي ويو آهي،

جتي تعلقي تعليمي آفيسر جوهي ميل شهاب الدين شاهاني پڻ ضلع ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لياقت علي نائچ تي اضافي مقررين لاءِ زباني طور دٻاءُ وجهڻ جو الزام مڙهي سرڪاري خط جاري ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته ان کان  اڳ تعلقي تعليمي آفيسر فيميل دادو سرهاڻ ميمڻ بہ ڊي اي او پرائمري خلاف اهڙي ئي الزام هيٺ خط جاري ڪري چڪي آهي،

جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته کين پڻ بغير خالي پيل جائين جي مخصوص اميدوارن جي مقرري لاءِ دٻاءُ وڌو ويو نئين  خط موجب ٽي  اي او جوهي شهاب الدين شاهاڻي لکيو آهي ته ڊي اي او پرائمري دادو طرفان زباني طور هدايت ملي ته ڪجهه اضافي استادن کي مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته DD0194 اسڪول ڪوڊ هيٺ مقرري کان اڳ ڪا به خالي سيٽ موجود نه هئي، ان بابت کين خط ذريعي واضع طور آگاهي ڏني وئي،

 ٽي اي او جوهي موجب ته اسڪولن ۾ استادن جي اصل ضرورت بابت لسٽ ترتيب ڏيڻ ۾ وقت لڳو، جنهن تحت 25 اسڪولن جي سڃاڻپ ڪئي وئي،

جتي ريٽائرمنٽ يا جي ايس ٽي مان ترقي سبب ڪجهه آساميون خالي ٿيون. پر ڊي اي او جي هدايت مطابق مقرر ڪيل اضافي اميدوارن لاءِ ڪا به خالي جاءِ موجود نه هئي،

 تنهنڪري مقرري کان انڪار ڪيو ويو، ٽي اي او وڌيڪ چيو تہ سرڪاري پاليسي، بجيٽ ۽ خالي آسامين جي روشنيءَ ۾ ئي مقرري قانوني طور جائز آهي، ڪنهن جي زباني هدايت تي غير قانوني مقرري قبول نه ڪئي ويندي،

ان سڄي معاملي تي ضلعي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري لياقت علي نائچ جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي، پر ٻن الڳ تعلقي آفيسرن طرفان هڪ جهڙا الزامن تي تعليم کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي،

مقامي تعليمي حلقن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن واقعي ڪنهن به قانوني ضابطي جي ڀڃ ڪڙي ٿي آهي ته ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن تعليم جهڙي بنيادي شعبي ۾ شفافيت برقرار رهي سگھي.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو