سکر: ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن پاران يومِ تڪبير جي شاندار تقريب، شاگردن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ضلعي انتظاميا سکر ۽ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي گڏيل سھڪار سان يوم تڪبير جي سلسلي ۾ مرڪزي تقريب لب مھراڻ واڪنگ ٽريڪ تي منعقد ٿي، جنھن ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين، استادن، سول سوسائٽي ۽ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. انھيءَ موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر راجا ايم بي ڌاريجو چيو ته تقريب م جن ٻارڙن حصو ورتو آھي

 انھن سڀني ٻارن کي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٽي ايم سي چيئرمين طارق چوھاڻ جي طرفان في ٻار پنج پنج هزار انعام طور ڏنا ويندا ۽ شام جي تقريب ۾ پڻ تقريري مقابلو منعقد ڪرايو ويندو

جنھن ۾ ڪامياب ٿيندڙن کي پنجاھ ھزار روڪ انعام ڏنو ويندو، تقريري مقابلا ٽن ڪيٽيگريز م ڪرايا ويندا. ھن وڌيڪ  چيو آهي ته  28 مئي 1998 پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي جنهن ڏهاڙي تي پاڪستان بلوچستان اندر ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا جو واحد مسلمان ايٽمي طاقت بڻجي ويو.

هن چيو ته هن ڏهاڙي کي ملهائڻ سان اسان انهن پنهنجن هيروز کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين جن جي اڻٿڪ محنت سان ملڪ ايٽمي طاقت بڻيو. هن چيو ته ان ڏهاڙن کي ملهائڻ سان اسان کي هڪ موقعو پڻ ملي ٿو ته انهن هيروز جي خدمتن جو اعتراف ڪريون جن ملڪ لاءِ ان کي ممڪن بڻايو. پاڪستان کي دنيا اندر ايٽمي طاقت بڻائڻ لاءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽  ڊاڪٽر عبدالقدير خان سميت ٻين هيروز جي خدمتن ۽ انهن جي روشن نالن  کي هميشه ياد رکيو ويندو.

 ان موقعي تي  ايس ايس پي سکر اظھر مغل يوم تڪبير جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جڏھن قومون  متحد ٿينديون آھن ته ڪاميابيون انھن  جا قدم چمنديون آھن. ھن شاگرد ن تي زور ڏيندي چيو ته تعليم حاصل ڪيو ء تعليم سان ھي قومون ترقيون ڪنديون آھن .ھن وڌيڪ چيو ته   يوم تڪبير پنجاب, بلوچستان, ڪي پي ڪي, سنڌ يا ڪنهن خاص قوم يا صوبي جو نہ پر هي پوري ملڪ واسين جو گڏيل ڏهاڙو آهي جنهن ڏينهن پاڪستان پوري دنيا جو واحد مسلم ايٽمي ملڪ بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو.

 هن چيو ته اسين سڀ هڪ آهيون اسان سڀني جو مقصد به هڪ ئي آهي، تنھنڪري اسان سڀني جي سوچ بہ هڪ ئي هئڻ گهرجي، الله پاڪ اسان مان جنهن کي جيڪو ڪم سونپيو آهي اهو هن ملڪ جي خوشحالي لا ايمانداري سان ادا ڪري ته جيئن پنهنجو حق ادا ڪري سگهون.

 تقريب م سوئيٽ ھوم سکر جي اينجلز يوم تڪبير جي حوالي سان تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا. ان موقعي تي  استادن, شاگردن, لاڳاپيل آفيسرن سميت عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو