سکر: نئين پنڊ علائقي ۾ بجلي بحران تي سخت احتجاج، شهرين جو صبر تڙيو

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ) سکر شھر جي نئين پنڊ واري علائقي ۾ بجلي بحران انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري چڪو، جتي مختلف علائقن ۾ روزانو 18 کان 20 ڪلاڪن تائين بنا اعلان جي لوڊشيڊنگ جاري آهي.

ڊگهي بجلي جي بندش سبب پريشان حال شهرين جو صبر برداشت کان ٻاهر ٿي ويو گرمي جا ستايل شھرين جو  سيپڪو انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ان سلسلي ۾ سکر جي علائقي نيو پنڊ امان الله چوڪ تي علائقي واسين بجلي جي ڊگهي بندش خلاف روڊ بند ڪري سيپڪو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته انتظاميا شهرين کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته سخت گرمي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب روزمره جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، ڪاروباري ۽ گهريلو سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن. ڪيتريون ئي جايون اهڙيون به آهن، جتي پاڻي جي فراهمي پڻ متاثر ٿي چڪي آهي ۽ علائقو ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.

مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيپڪو جو عملو من پسند علائقن کي ترجيح ڏئي عام صارفين کي بدترين لوڊشيڊنگ جو نشانو بڻائي رهيو آهي ايڪسپريس فيڊر سميت ٻين فيڊرن کي بند ڪيو وڃي ٿو

 جيڪا وڏي ناانصافي آهي.شهرين جو چوڻ هو ته بجلي نه هجڻ باوجود انهن کي ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا، جنهن سان انهن جو معاشي استحصال ٿي رهيو آهي. هنن چيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا بجلي جهڙي بنيادي مسئلي کان لاتعلق نظر اچن ٿا.مظاهرين مطالبو ڪيو ته سيپڪو چيف ۽ لاڳاپيل اعلي اختياريون فوري طور نوٽيس وٺي لوڊشيڊنگ جو دورانيو گهٽايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو