مٺي: گرمي، پاڻي جي کوٽ ۽ بيمارين سبب مور وڏي انگ ۾ مري رهيا آهن، ڳڻتي وڌي وئي
مٺي (ڊ-ر) ضلعي ٿرپارڪر ۾ گرمي جي شديد لهر، پاڻي جي کوٽ ۽ پکين ۾ پکڙجندڙ بيمارين سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. علائقي جا حسين ۽ ناياب پکي مور وڏي انگ ۾ مرڻ لڳا آهن.
جهنگلي جيوت کاتي ۽ پولٽري کاتي وٽ وسيلن جي کوٽ ۽ گهربل سهولتن جي اڻاٺ سبب اهي ادارا ڏورانهن ڳوٺن تائين پهچڻ کان قاصر آهن جنهن ڪري مور بغير علاج جي موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. تعلقي مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ڀيماسر سميت آسپاس جي علائقن ۾ مور جي وڏي انگ ۾ مري رهيا آهن
ڳوٺاڻن موجب رڳو گذريل هفتي دوران مئل مورن جو تعداد سئو کان وڌي ويو آهي. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته وائلڊ لائيف کاتو تڪڙا قدم کڻي وڏن ڳوٺن ۾ جانورن جي علاج لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪري ۽ بيمار مورين جو فوري علاج ڪري جيئن انهن ناياب پکين جي نسل کي بچائي سگهجي.
مَي 28, 2025