ڪي پي حڪومت کي عوام سان سڌي ريت ٽڪرائڻ مهانگو پوندو:بلاول ڀٽو

Spread the love

اسلام آباد(بيورو/م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبرپختونخوا حڪومت جي عوام سان  سڌي مهاڏو اٽڪائڻ واري پاليسي ان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي،

بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر محمد علي شاهه باچا سان ٽيليفون تي رابطو ڪري پشاور ۾ “صوبو بچايو تحريڪ” جي ريلي تي ٿيل تشدد بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، محمد علي شاهه باچا پارٽي چيئرمين کي ٻڌايو ته سندن پرامن احتجاج کان گهٻرايو وڃي،

تحريڪ انصاف حڪومت طرفان آنسو گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۾ ريلي منعقد ڪرڻ تي محمد علي شاهه باچا کي داد ڏيندي چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت جي ڪرپشن، بي قانوني، ۽ بيروزگاري کان تنگ آيل عوام تي تشدد قابل مذمت آهي،

هن چيو ته “صوبو بچايو تحريڪ” هاڻ خيبرپختونخوا جي هر گهٽي، هر پاڙي تائين پکڙجي ويندي، تحريڪِ انصاف جي “غنڊا سرڪار” اسان کي روڪي نه سگهندي.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو