يوم تڪبير:ايٽمي طاقت ٿيڻ جا 27 سال مڪمل،سول ۽ فوجي قيادت پاران مبارڪباد

Spread the love

اسلام آباد/راولپنڊي(م ڊ)يوم تڪبير جي موقعي تي هٿياربند فوجن،چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏني آهي،

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته هٿياربند فوج مادر وطن جي دفاع لاءِ مڪمل تيار ۽ پرعزم آهي،يوم تڪبير 1998ع جي ان عظيم گهڙي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستان جوهري طاقت طور اڀريو،بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ توازن بحال ۽ پنهنجي دفاع جي حق کي مڃرايو،اهو تاريخي ڪارنامو قوم جي عزم،باوقار ۽ پرامن وجود جي حصول جي مسلسل جدوجهد جو مظهر آهي،پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيت هڪ قومي امانت آهي

جيڪا عوامي امنگن جي عڪاس آهي،دور انديش قيادت،سائنسدانن ۽ انجنيئرن پاڪستان جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻايو،اهو ڏينهن پاڪستان جي پنهنجي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سالميت جي تحفظ جو پختو عزم ورجائي ٿو،پاڪستان جي جوهري صلاحيت دفاعي نوعيت جي ۽ امن جي ضمانت آهي،ان ڏينهن اسان سڀ عهد ڪريون ته مادر وطن جي سلامتي،ترقي ۽ خوشحالي لاءِ متحد،چوڪس ۽ پرعزم رهنداسين،هٿياربند فوج انهن قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي

جن جي بدولت اهو سنگ ميل حاصل ٿيو ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف يوم تڪبير جي موقعي تي پيغام ڏنو آهي ته پاڪستان سان محبت ڪندڙن کي يوم تڪبير جي مبارڪباد،هن چيو ته ايٽمي پروگرام جي معمارن کي سلام پيش ڪريان ٿو ،پاڪستان کي دنيا جي ستين ايٽمي طاقت بڻجندي 27 سال مڪمل ٿي ويا ،

هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي، نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪري ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري قوم کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي جوهري صلاحيت جو مظاهرو ڪيو،

اڄ اسان ملڪي خودمختياري، علائقائي سالميت جي تحفظ جو عزم ڪريون ٿاهن چيو ته سائنسدانن، انجنيئرن،سول ۽ فوجي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا،هن چيو ته ايٽمي پروگرام جو بنياد رکڻ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا،شهيد بينظير ڀٽو جي سرپرستي ۾ ايٽمي پروگرام اڳتي وڌيو ۽ مضبوط ٿيو

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو