”مودي جي پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي ڌمڪي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي“

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم نريندر مودي جو پاڪستان خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان غير امڪاني ناهي پر ڀارتي نوجوان نفرت جي سياست کي رد ڪن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارتي وزيراعظم جي پاڻي جهڙي معاهداتي وسيلن کي هٿيار بڻائڻ جي ڌمڪي عالمي اصولن جي خلاف آهي، اهڙي قيادت جيڪا عالمي احترام چاهيندي هجي، اڳ ۾ پنهنجي ٻولي ۽ ضمير جو جائزو وٺي.
ترجمان چيو ته موجوده ڀارتي حڪومت جا نظرياتي حامي شر پکيڙڻ ۽ اقليتن خلاف تشدد کي معمول بڻائي چڪا آهن، ڀارت پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ بدران عالمي قانونن جو احترام ڪري، چونڊ مهم دوران ويڙهه جا بيان امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندا آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي نوجوان نفرت جي سياست رد ڪن ۽ باوقار، گڏيل سهڪار تي ٻڌل مستقبل ڏانهن وڌن.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو