پ پ غنڊا گردي ڪئي،سنڌ ۾ ڪنهن کي به احتجاج جي اجازت ناهي:اسد قيصر

Spread the love

پشاور(م ڊ)تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو  آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ غنڊا گردي ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪنهن کي به احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي اجازت ناهي،

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ احتجاج تي ڪا پابندي ناهي،هتي جهموريت جو حسن اهو آهي ته هر ڪنهن کي احتجاج جو حق حاصل آهي ۽ ماڻهو آزاديءَ سان پنهنجو موقف پيش ڪن ٿا، سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي ڪيمپ مان ڪارڪن احتجاج جي لاءِ ويا هئا، هن چيو ته قانون مطابق تحريڪ انصاف جي بانيءَ جي ضمانت ممڪن آهي،

پر جڏهن حڪومت عدليا تي اثرانداز ٿيندي ته پوءِ انصاف ڪيئن ملندو؟، اسد قيصر جو چوڻ هو ته سندن تحريڪ جلد شروع ٿيڻ واري آهي ۽ مولانا فضل الرحمان سميت سڀني سياسي جماعتن کي ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مَي 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو