ڪراچي: ووٽرز جي جامع تعليم، پرامن چونڊن جي واڌاري لاءِ چوٿون اجلاس منعقد
ڪراچي (قاضي اعجاز) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشنر، ڏکڻ ڪراچي جي آفيس ۾ اڄ ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي (DEVEC) تحت چوٿون اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشنر ڏکڻ، محترمه عذرا ڪئي.
اجلاس جو بنيادي مقصد عورتن کي، جيڪي هن مرحلي ۾ مرڪزي ڌيان جو محور هيون، چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ همٿائڻ هو. هيءَ سرگرمي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (ECP)، اسلام آباد پاران ووٽرز جي شعوري تعليم ۽ جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻ جي مهم جو حصو آهي.اج
لاس دوران “چراغ کان چراغ” (C2C) پروگرام تي به روشني وڌي وئي، جيڪو نوجوانن کي جهموريت جا سفير بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي.
هن پروگرام تحت نوجوانن کي ووٽرز ۾ شعور آڻڻ، غلط ڄاڻ کي رد ڪرڻ، ۽ آزاد، منصفاڻي ۽ پرامن چونڊن جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ٿي. مقررن نوجوانن جي شرڪت کي هڪ مضبوط جمهوري سماج لاءِ اڻٽر قرار ڏنو ۽ چونڊ عمل ۾ سندن مثبت ڪردار کي ساراهيو. C2C پروگرام نوجوانن کي نه صرف ووٽ جي اهميت بابت آگاهي ڏئي ٿو پر انهن کي شهري ذميوارين ۽ ملڪ جي تعمير ۾ به سرگرم بڻائي ٿو.
اجلاس جو اختتام ان عزم سان ٿيو ته ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ ووٽرز جي تعليم ۽ شعور وڌائڻ لاءِ هيءَ مهم وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جاري رکي ويندي.
مَي 27, 2025