پرائمري اسڪول لانڍي جي عمارت جي تاخير سبب 150 کان وڌيڪ ٻارڙن جي تعليم متاثر، والدين پاران احتجاج

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ، شھدادپور لڳ تعليم کاتي ٽنڊوآدم جو پرائمري بوائز اسڪول لانڍي جي بلڊنگ ڏيڍ سال کان مڪمل نہ ٿي سگھي، بلڊنگ رولڙي جو شڪار ھئڻ ڪري 150 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر، قھر جي گرمي ۾ ٻارڙا ديوي جي وڻن هيٺيان تعليم پرائڻ تي مجبور آھن،

 سخت گرمي سبب والدين پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ چڏي ڏنو، تعليم کاتي ڪا سار نہ لڌي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ڀيم چند، لال چند، اسڪول جي هيڊ ماستر، استادن ۽ شاگردن ميڊيا آڏو دانهيندي سنڌ حڪومت توڙي تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ته رولڙي جو شڪار بڻيل اڌ ۾ رھيل بلڊنگ جلد مڪمل ڪرائي معصوم ٻارڙن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو