اسلام ڪوٽ: 38 ڪروڙ 86 لک جو آر او پلانٽ ورھين کان بند، 28 ڪروڙ 95 لک جي مرمت لاءِ ٺيڪو جاري، عوام ۾ سخت مايوسي

Spread the love

اسلام ڪوٽ (احمدعلي ساڻگي)اسلام ڪوٽ ۾ 38 ڪروڙ 86 لک ۾ لڳايل آر او پلانٽ جي مرمت لاءِ 28 ڪروڙ 95 جو ٺيڪو جاري،عوام کي حيران،پلانٽ ورھين کان بند پيل،

خبرموجب:اسلام ڪوٽ جي شھرين کي کاري پاڻي مان مٺو پاڻي فراھم ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ سال 2015ع دوران 38 ڪروڙ 86 لک ۾ مڪمل ٺھي لڳو،جيڪو ڪجھ عرصو جڳاڙ ذريعي ھلڻ بعد ورھين کان مڪمل طور تي بند پيل آھي ۽ ھاڻي مرمت  لاءِ وري 28 ڪروڙ 95 لک جو ٺيڪو ڪيو ويو آهي،

گڏڪيل معلومات موجب تي اسلام ڪوٽ ۾ 1.5 ملين گيلن جو آر او پلانٽ 2015ع ۾ 38 ڪروڙ 86 لک ۾ مڪمل ٺھيو ھو،پلانٽ ۾ 650 ڪي وي اي جو ٽرانسفارمر،650 ڪي وي اي جنريٽر ۽ 8 ٽيوب ويل لڳايا ويا،

جڏهن ته آر او پلانٽ 25 هزار گيلن في ڪلاڪ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو پر پلانٽ سالن ڪجھ مھينا ھليو جنھن بعد سالن کان بند آهي،وقتن به وقتن سنڌ سرڪار سميت نگران سرڪار ڪروڙين روپيا الڳ الڳ جاري ڪيا جيڪي ھڙپ ڪيا ويا

پر پلانٽ چالو نه ٿيو،ھيئنر تازو وري مرمت لاءِ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي پاران اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ جي مرمت ۽ نگراني لاءِ 28 ڪروڙ 95 لک جو ٺيڪو حيدرآباد جي ڪمپني کي ڏيئي ڇڏيو آھي،واضع رھي ته ھن کان علاوه 9 سالن دوران ڪروڙين روپيا مرمت جي مد م جاري ڪري ھڙپ ڪيا ويا آهن،انھي سموري جاري ٿيل رقم جو ڪاٿو لڳائجي ته اربين روپين کان رقم مٿي ٿيندو،شھرين کي پاڻي جي فراهمي سالن کان بند آهي،

اربين رپيا لڳڻ ۽ ضايع ٿيڻ باوجود رھواسين کي ڪڏھن به پاڻي جو ھڪ ڦڙو نصيب ناھي ٿيو،رھواسين جو چوڻ آهي ته عوام کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي نالي تي ڪھڙي نموني پئيسا جاري ڪري ھڙپ ڪيا پيا وڃن ڪير پڇڻ وارو ڪانھي،ھنن جاري ٿيندڙ ڪروڙين رپين جون ھي بجيٽون رڳو صرف رڳو ھڙپ ٿي رھيون آھن ڪرپشن ڪرڻ جي انتھا ٿي چڪي آھي

 ھن سموري مھا ڪرپشن ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي ٿرپارڪر کان ويندي سيڪريٽري ۽ وزيرن تائين پئسو ورھايو وڃي ٿو،ڪھڙي نموني آساني سان ھن غريب عوام جي نالي پئسو ڦٻايو پيو وڃي،ڪير پڇڻ وارو ڪونھي،

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو