مٺي: اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گهونو لُنڊ ۾ ميڊيڪل ڊسپينسري جي عمارت زبون حالي ۽ عملي جي کوٽ سبب ڳوٺاڻن کي بنيادي طبي سهولتن کان محروم

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گهونو لُنڊ ۾ ميڊيڪل ڊسپينسري جي عمارت 2012 ۾ سينيٽر گل محمد لاٽ تعمير ڪرائي ڏني جنهن کان پوءِ صحت مرڪز جي ايس اين اي منظور نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ميڊيڪل عملو مقرر ٿي سگهيو آھي

ڊسپينسري جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڳوٺ جي آبادي لڳ ڀڳ 3000 آهي جيڪي بنيادي طبي سهولتن کان وانجھيل آهن.

ڊسپينسري ۾ عملي جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب ڳوٺاڻن کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڳوٺاڻن صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ تمام وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ميڊيڪل ڊسپينسري جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ گهربل عملو مقرر ڪري بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن بي چيني ختم ٿي سگهي.

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو