ملير: يوسي مراد ميمڻ اولڊ ٿاڻي جا رهواسي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج، روڊ بلاڪ ڪري شديد ڏکيائي جو اظهار
ملير(ڊر ) يوسي مراد ميمڻ اولڊ ٿاڻو جا رهواسي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون اولڊ ٿاڻي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا قديمي ڳوٺن سان ماٽيلي ماء جو سلوڪ اختيار ڪري ورتو آهي
سخت گرميءَ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب سخت اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي چونڊيل نمائندا ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهن مجبور تي روڊن تي نڪتا آهيون هميشه پاڪستان پيپلزپارٽي کي ووٽ ۽ سپورٽ ڪيو آهي، کٽڻ کان پوءِ نمائندا سندن ڪا به سار لهڻ نٿا اچن
بنيادي انساني زندگيءَ جي لاء گهربل سهولتون حاصل ڪرڻ لاءِ سخت گرميءَ ۾ ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون
ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا بجليءَ جي رهتن جو ڪوڙو جواز بڻائي بجليءَ فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي ڪاروبار مفلوج بڻجي ويو آهي جڏهن ته مسجدن گهرن ۾ پاڻيءَ جي شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي
ڳوٺاڻن چونڊيل نمائندن ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد بلوچ تڪ جي چونڊيل ايم پي اي محمد سليم بلوچ ٽائون چيئرمين طارق عزيز بلوچ پيپلزپارٽي ملير جي صدر ايم پي اي راجا رزاق بلوچ سميت ٻين کي اپيل ڪندي چيو ته فوري طور پيئڻ جي پاڻي ۽ بجليءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
مَي 27, 2025