سکر : ارباز علي عباسي ایم ایس ایف (فنڪشنل) سنڌ جو نائب صدر مقر

Spread the love

سکر (  رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران سکر جي جاکوڙي نوجوان ارباز علي عباسي کي پارٽي جي ذيلي شاگرد ونگ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي منظوري سان صوبائي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو۔ ان حوالي سان ارباز علي عباسي چيو ته آئون پنهنجي پارٽي قيادت جو شڪر گزار آھيان،

 جنهن مون تي اعتماد ڪندي مونکي اھم زميداري ڏني آهي. انشاءاللہ آئون پنهنجي پارٽي جي ترقي ۽ ڪاميابي سميت نوجوانن جي حقن لاء ڀرپور محنت ۽ جدوجهد ڪندس. ارباز علي عباسي چيو ته تعليم سان گڏوگڏ پرامن سياسي ۽ سماجي سرگرميون ڪرڻ سان نوجوانن ۾ شعور پيدا ٿئي ٿو، اڄ جو نوجوان سڀاڻي جو ڪامياب اڳواڻ آهي. ان ڪري منفي سرگرمين جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي ۽ نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.

 ارباز علي عباسي وڌيڪ چيو ته مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي وڌيڪ منظم ۽ فعل ڪرڻ لاء عيدالاضحيٰ کان پوء سموري سنڌ ۾ ميمبرشپ مهم شروع ڪئي ڪري، سنڌ جي سڀني ضلعن، تعلقن ۽ تعلقي ادارن ۾ تنظيم سازي ڪئي ويندي.

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو