سڪرنڊ: شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي اجلاس—2025-26 جي بجيٽ تي منظوري، مالي استحڪام ۽ تعليمي ترقي تي زور

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد ۾ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس جو انعقاد ڪيو ويو،

جنهن جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه ڪئي جڏهن ته هائير ايجوڪيشن اسلام آباد جي نمائندي ثمينه دراني، سنڌ جي وڏي وزير جي نمائندي سيد زين العابدين شاه، يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر فنانس اشفاق احمد شيخ، سنڊيڪيٽ جي ميمبرن، پروفيسر ڊاڪٽر لياقت علي زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير، پروفيسر ڊاڪٽر محمد افضل ڪمبوه، منظور علي سيال، فنانس کاتي جي قربان علي فاروقي، اختر حسين عمراڻي، اسد الله چنڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ميٽنگ دوران يونيورسٽي جي ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ، موجوده مالي صورتحال، جاري ترقياتي رٿائن ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ مالي ضرورتن تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.

 جڏهن ته فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي جي سورهين ميٽنگ جا منٽس منظور ڪيا ويا ۽ ايندڙ مالياتي سال 2025 –2026  جي بجيٽ ۾ ايل سفارشات تي نظر ثاني ڪري بجيٽ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. گڏوگڏ ڪميٽي طرفان مختلف منصوبن جي منظوري، خرچن جي جائزي ۽ آمدني وڌائڻ بابت تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو.

 ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي جي ترقي ۽ تعليمي معيار جي بهتري لاءِ مالي وسيلن جو شفاف ۽ موثر استعمال نهايت ضروري آهي. اسان جو مقصد صرف تعليمي ادارو هلائڻ نه، پر ان کي هڪ اعليٰ درجي جي علمي ۽ تحقيقاتي مرڪز طور اڳتي وڌائڻ آهي.

 اهڙيون ميٽنگون يونيورسٽي جي مالي استحڪام لاءِ هڪ مضبوظ پليٽفارم فراهم ڪن ٿيون، جتان اسان علم، ترقي ۽ خودمختياري جا نوان رستا کوليون ٿا.

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو