سڪرنڊ: جساف اڳواڻن پاران شهيد عرفان لغاري جي غائبانه جنازي نماز ادا – مورو واقعي خلاف احتجاج، انصاف جي گهر
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ جساف اڳواڻن پاران مورو واقعي ۾ شهيد ٿيل شهيد عرفان لغاري جي غائبانه جنازي نماز شهر جي قاضي سرفراز چوڪ تي ادا ڪئي وئي.
غائبانه جنازي ۾ ايوب شهزاد چانڊيو , سماجي اڳواڻ پيار علي جلالاڻي , علي سنڌي, شيراز شاهه , آزاد سنڌو سميت ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته جنازي نماز بعد شهيد عرفان لغاري لاءِ دعا مغفرت پڻ ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن مورو واقعي ۽ شهيد عرفان لغاري جي لاش جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته موري واقعي ۾ پوليس قانون جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن, شهيدن جي وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي,
مَي 27, 2025