سکر: ڊپٽي ڊائريڪٽر رضا حسين قريشي خلاف الزامن جي ترديد – “روائز بجيٽ صرف ميڊيسن لاءِ، ذاتي ڪا به وابستگي ناهي”
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ): سول اسپتال سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رضا حسين قريشي پاران الزامن کي رد ڪندي وضاحت روائز بجيٽ صرف ميڊيسن لاءِ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن سان سندس ذاتي يا انتظامي طور ڪوبه تعلق ناهي خبر موجب سول اسپتال سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊولپمينٽ رضا حسين قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪجهه شرپسند، ڪرپٽ ۽ ذاتي مفادن وارا ماڻهو سندس خلاف بي بنياد الزام هڻي رهيا آهن، جن جو اصل مقصد سندس ڪردارڪشي ڪرڻ ۽ ترقياتي عمل کي روڪڻ آهي.
هن چيو ته، “مون کي ڪجهه عناصر طرفان بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جيڪي ناجائز مطالبا ڪري رهيا آهن. جڏهن مان انهن جون ناجائز فرمائشون پوريون نه ٿو ڪري سگهان ته اهي مون خلاف ڪوڙن پروپيگنڊن جو سهارو وٺن ٿا.”
ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته سول اسپتال سکر ۾ تاريخي ترقياتي ڪم ٿيا آهن، جنهن ۾ نوان وارڊ، جديد آپريشن ٿئيٽر، ايمرجنسي سسٽم، ۽ ٻين جديد سهولتن جي واڌ شامل آهي. انهن منصوبن مان مريضن کي سڌي سنئين فائدو پيو رسجي، ۽ هي سمورا پراجيڪٽس حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ مڪمل شفافيت سان جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته روائز بجيٽ صرف ميڊيسن لاءِ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن سان سندس ذاتي يا انتظامي طور ڪوبه تعلق ناهي. “اهي ماڻهو جيڪي مون تي الزام لڳائي رهيا آهن، اهي يا ته ذاتي رنجشن جو شڪار آهن يا وري ادارتي ترقي جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن”، رضا حسين قريشي جو چوڻ هو ته، “مان قانون جي دائري ۾ رهي ڪري پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهيان، منهنجو ضمير صاف آهي، ۽ مان عوام جي خدمت کي ترجيح ڏيان ٿو. انهن عناصر کي جلد بي نقاب ڪيو ويندو جيڪي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن.”
آخر ۾ هن اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو ته انهن ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي اسپتال جهڙي اهم اداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
مَي 27, 2025