اسان سان ڳالهيون ڪريو ۽ ٻڌايو ته اوهان کي ڇا کپي؟، عمران خان آزاديءَ لاءِ ڪهڙي تان هٿ کڻي ؟ عليما خان

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهين سان عمران خان جي آزادي ممڪن آهي ته اچو، ڳالهايو، ٻڌايو ته توهان کي ڇا کپي ۽ عمران خان کان ڇا گهرجي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليما خان چيو ته چيف جسٽس پاڻ واعدو ڪيو هو ته غلطيءَ سبب ڪيس لسٽ ۾ شامل نه ٿيو، پر هاڻ ڪيس مقرر ڪيو ويو آهي، پارلياماني نمائندن ساٿ ڏنو آهي، اميد آهي ته ڪيس وقت تي ٻڌو ويندو.
هن ٻڌايو ته کين ڌمڪيون ملن پيون ته گاڏيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿي ويندو، هن خبردار ڪندي چيو ته ايم اين ايز ۽ ٻين پارليامينٽرينز کي نه ڌمڪايو، اسين اوهان کان نه ٿا ڊڄون، ۽ اوهان به نه ڊڄو.
عليما خان، ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ٻن سالن کان خبر ئي نٿي پوي ته اوهان کي اصل ۾ ڇا گهرجي، سامهون اچي ڳالهايو، عورتون اوهان آڏو ويٺيون آهن، جيڪڏهن ’ڏيو ۽ وٺو‘ جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ چاهيو ٿا ته کلي ڪري ٻڌايو.
هن چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته هو سڄي عمر جيل ۾ رهي سگهي ٿو پر جهڪندو نه، پوءِ به ٻڌايو ته هن اوهان جو ڇا بگاڙيو آهي؟

مَي 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو