ملڪ رياض جي ملڪيتن جي نيلامي شروع

اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور ۽ ڊيرا غازي خان ۾ بحريا ٽائون ۽ ملڪ رياض جي غيرقانوني ضبط ڪيل ملڪيتن جي نيلامي جو عمل شروع ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته ڪميٽيون جوڙي اشتھارات به جاري ڪيا ويا آهن. ضابطي جي تحت نيلامي جا اشتهار جاري ڪري، بحريا ٽائون فيز 2، فيز 4 ۽ سفاري ولاز جون ملڪيتون نيلامي لاءِ پيش ڪيون ويون آهن. انهن ملڪيتن ۾ سينما، شادي هال، سفاري پارڪ، اسڪول ۽ بحريا ٽائون جو هيڊ آفيس به شامل آهن.
بحريا ٽائون جي هن غير منقول ملڪيت جي نيلامي نيب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 33E تحت ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مقصد ڊيفالٽ ٿيل رقم جي وصولي آهي.
بحريا ٽائون هن سلسلي ۾ اڳ ئي نيب سان پلي بارگين ڪري چڪو آهي.
مَي 27, 2025