دادو ۽ آس پاس جا روڊ رستا بدامني جي ور چڙهيل موٽرسائيڪل ڦر، چوري معمول بڻيل

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۽ آس پاس جا روڊ رستا بدامني جي ور چڙهيل موٽرسائيڪل ڦر، چوري معمول بڻيل دادو سيوھڻ لنڪ  شير شاهه سوري روڊ کي ڏوھارين آکيڙو بڻائي ڇڏيو ھر روز ڦرون، چوريون جاري پوليس پڪٽن تان غائب ٿي وئي،  

 گذريل رات دوآٻو پوليس چيڪ  پوسٽ لڳ ھٿياربندن جي ٽولي دوڪاندار مجيب پنهور ۽ شفيق خشڪ کان ھٿيارن جي زور تي سي ڊي 2010 موٽرسائيڪل، موبائيل فون، هڪ لک روڪ رقم ٻيو گھريلو سامان ڦر  ڪئي ۽ پنھور برادري جي ڪار سوارن کي ڦورن يرغمال بڻايو ۽ دوڪاندارن مجبب پنھور مٿان فائرنگ ڪئي لک کان وڌيڪ رقم ڦري ويا،

 ڳوٺاڻن  صاحب خان خشڪ دانھيو ته نو لکو پوليس چيڪ پوسٽ تي پوليس موجود نه ھئي ڦورو ايندڙ ويندڙن کان آساني سان ڦرون ڪري فرار ٿي ويا ھنن ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

مَي 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو