سيوهڻ: عيد ويجهو سبزين جا اگهه آسمان تي، غريب عوام پريشان، انتظاميا کان ڪارروائي جو مطالبو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر ۾ مهانگائي عروج تي سيوھڻ جي عوام کي ھن مهانگائي مان ڪير جان ڇڏائيندو،
سيوھڻ شھر ۾ عيد ويجھو ايندئي سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن سبزي جا ريٽ وڌائي ڇڏيا، غريب جيڪو مزدور طبقو سخت پريشان، جڏھن ته سبزي وڪرو ڪندڙن اچانڪ سبزي جو اگھ وڌائڻ جي ڪري سيوھڻ جو غريب مزدور جيڪو پنھنجي ٻچن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاء مجبور آھي ،
اتي وري سبزي وڪرو ڪندڙن پٽاٽا 50 روپيه ڪلو، بصر 50 روپيه ڪلو، واڱڻ 60 روپيه ڪلو، گوار 200 روپيه ڪلو، ول طوري 120 روپيه ڪلو، انبڙي 70 روپيه ڪلو ۽ ٽماٽا 100 کان 120 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رھيا آھن، جڏھن ته ڪجھ ڏينھن پھريان ٽماٽو 100 روپين ۾ 03 ڪلو وڪرو ڪيو پي ويو،
ول طوري 80 روپيه ڪلو وڪرو ڪئي پئي ويئي، جڏھن ته بصر 100 ۾ 03 ڪلو وڪرو ڪري رھيا ھئا، ھاڻي اچانڪ ڪھڙي مهانگائي آئي جو سبزي جو اگھ وڌايو ويو آھي، سيوھڻ جي عوام اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ ۽ سيڪريٽري مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان سيدآباد کان مطالبو ٿي ڪري ته سيوھڻ شھر ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن کي ھدايت ڪئي وڃي ته سيوھڻ شھر ۾ سبزي جا اگھ نه وڌايا وڃن،
ته جيئن سيوھڻ جو غريب مزدور طبقو پريشاني کان بچي سگھي، وڌيڪ اگھ وٺندڙ سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.
مَي 25, 2025