سنڌ جي بدحالي جا ذميوار چونڊيل نمائندا، عوام ووٽ ذريعي تبديلي آڻين: ممتاز سهتو

Spread the love

سيٺارجا ( رپورٽ: رمضان منگي ) جماعت اسلامي پاڪستان جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسین سهتو ايڊووڪيٽ جن سيٺارجا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ملڪ جي اندر ڪيتريون ئي اليڪشنون ٿيون آهن ۽ هر ڀيري چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اڪثريتي پيرن . ميرن . سردارن ۽ ڀوتارن اميدوارن کي آزمايو پئي ويو آهي

پر ان ڳالھ جي لاء ڪنهن گواهه يا ثبوت جي ضرورت نه آهي ته انهن ڪامياب نمائندن نه صرف پنهنجي مال ملڪيت ۾ ڪروڙن اربن جو اضافو ڪيو پر اڄ معدني وسيلن سان مالا مال خوشحال سنڌ جنهن غربت . بدحالي . بدامني . ڪرپشن . اخلاقي پستي . سهولتن جي کوٽ . ادارن جي تباهي .

 انصاف سميت سوين مسئلن جو شڪار آهي ۽ ان جا ذميوار به اهي چونڊيل نمائندا ۽ سندن ساٿ ڏيندڙ ضمير ويڪائو ڪامورا آهن . جن گڏجي لطيف رح جي سهڻي ۽ قدرت جي بيشمار نعمتن پئٽرول . گئس . ڪوئلو . سمنڊ . درياءُ . قيمتي پٿرن وارا جبل . ذراعت جو ماحول ۽ زمين . ريگستان سميت ٻين بيشمار نعمتن واري ڌرتيءَ کي رهندڙ اڪثريتي غريب . مظلوم ماڻهن جي لاءِ دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان جي لاءِ جتي اهي سياسي گرو ۽ گروپن سميت عوام جي ڏنل ٽيڪس مان پگهارون کڻندڙ عوام جا نوڪر ذميوار آهن

 اتي عوام جو به انهن قوتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو هٿ ۽ ڪردار آهي جيڪي کين ووٽ ۽ سپورٽ ذريعي اهڙي سياسي ۽ رياستي طاقت مهيا ڪن ٿا . جنهن ڪري اگر سنڌ جو عوام چاهي ٿو ته سندن سان ٿيندڙ اهي ظلم . ناانصافيون ختم ٿين کين عزت ڀري زندگي . امن . روزگار . صحت . تعليم ميسر ٿئي ۽ پنهنجا حق بنا ڪنهن رشوت ۽ سفارش جي حاصل ٿين ته پوء سنڌ جي عوام کي هن ڀيري پنهنجو ووٽ ۽ سپورٽ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ووٽ ۽ سپورٽ ئي انهن ماڻهن ۽ بدبو ڪري ويل نظام کي طاقت مهيا ڪري ٿي .

 اميد ٿي ڪجي ته سنڌ جو عوام ايندڙ وقت ۾ پنهنجو ووٽ مثبت تبديلي جي لاء استعمال ڪندو ۽ غلط اميدوار توڙي پارٽي يا گروپ جي سپورٽ نه ڪندو .

مَي 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو