سنڌي ادبي سنگت سکر پاران زمينن جي والار، غير قانوني ڪئنالن ۽ شهيدن جي ناحق قتل خلاف احتجاج
سکر(بيورورپورٽ) سکر پريس ڪلب جي اڳيان سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ خلاف ، ۽ سنڌو درياء تي ٺھندڙ غير قانوني ۽ غير آئيني ڪئنالن خلاف ، ۽ مورو ۾ پرامن شھرين تي سنڌ حڪومت طرفان گوليون ھلائڻ ، ۽ شھرين جا لاش گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو ۽ حڪومت پاڪستان کان اھو مطالبو ڪيو ويو ،
ڪارپوريٽ فارمنگ کي ۽ سنڌو درياء ٺھندڙ نوان ڪئنال ٺاھڻ کي رد ٿا ڪيون ، ۽ احتجاج ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري وڪيل سرتاج حيدر شر ، سچل ڀٽي ، ضياء ڀٽي ، سردار پيرزادو ، مجيد نواز مغل ، دودو ڀٽي ، فيض سومري ڪامريڊ دلبر ڀٽو ، ڪامريڊ فيض سومرو ، ايڊوڪيٽ اورنگزيب جاگيراڻي ، شفاعت گانگھرو ، سميت سکر جي ٻارڙن به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي وئي ،
مٿي ڄاڻايل اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سنڌين جي ڌرتي ۽ سڀ کان اول سنڌ جي زمينن تي سنڌي ماڻھن جو حق آھي ڪمپني سرڪار کي ڏنل سموريون زمينيون واپس ڪيون وڃن، وڌيڪ چيو ته سنڌو درياء مٿان ٺھندڙ چھ ڪئنالن تي سي سي آء جي اجلاس مطابق نوٽيفڪيشن ڪڍي ڪم بندو ڪيو ويو ھيو ،
ان جي باوجود به ڪئنال ٺھي رھيا ، سنڌو درياء تي ڪئنال ٺاھي سنڌو کي سڪائڻ جي سازش رٿي وئي آھي جڏھن تي اسان اھڙي سازش کي رد ٿا ڪيون ،
اسان حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪيون ته جلد کان جلد ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارا سڀ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن جئين سڄي سنڌي پھريون ڪيترين ئي ٻين مسئلن جھڙوڪ بي روزگار ، تعليم ۽ صحت جي ورچڙھيل آھي ۽ نه ته وڌيڪ احتجاج جو دائرو واڌايو ويندو ، سڄي سنڌ اٿي پوندي ، آخر ۾ مورو جي اپرمن احتجاج ڪندڙ شھيد شھرين عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو .
مَي 25, 2025