شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ورسي: شائسته بلوچ پاران ڀيٽا، صحافتي خدمتن کي ڀرپور خراج
سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ ميرپور ماٿيلو پهچي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي پهرين ورسي ۾ شرڪت ڪئي. هن شهيد جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي، فرزندن ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪري شهيد جي لاءِ دعا گهري ۽ ڀيٽا پيش ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميڊم شائسته بلوچ چيو ته نصرالله گڏاڻي نه رڳو گهوٽڪي، پر پوري سنڌ جو آواز هو. هو پنهنجي قلم وسيلي هميشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندو رهيو، جنهن جي پاداش ۾ هن پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو.
هن چيو ته نصرالله هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ضرور ويو، پر سندس آواز، اصولن سان وابستگي ۽ بهادري سبب هو اڄ به هزارين دلين ۾ زندهه آهي. شائسته بلوچ شهيد نصرالله کي سنڌ جي صحافتي تاريخ جو روشن باب قرار ڏيندي چيو ته اهڙا بهادر صحافي هميشه امر رهندا.
مَي 25, 2025