سکر ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران زمينن جي والار، شهيدن جي ناانصافين ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف احتجاجي ريلي
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي تي زمين جي والار, سنڌو درياء تي ڪينال اڏڻ, مورو جي شهيدن جو ڪيس داخل نه ڪرڻ, گرفتار قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سکر ۾ سنڌ يونائيٽيڍ ضلعي سکر پاران گلوب چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي ايس يو پي جي ضلعي صدر عيدن جاگيراڻي,ماجد ڏنور,سراج ڍوگر,ديدار چانڍيو,اويس سومرو,صدام مھر,شھزاد زنگيجو ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقيوم ابڙو,اسد منڳريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش آھي.
ڪمپني سرڪار آصف زرداري گرين پاڪستان انيشيٽو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي عڪسري قوتن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني آھي جيڪا هزارا سالن کان سنڌ جي عوام جي ملڪيت آھي هنن وڌيڪ چيو ته حڪمران ڌر جو بيان کليل دوکو، فريب، ڊرامي بازي ۽ عوام کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
ان جو واضح ثبوت اهو آھي جو مورو ۾ ڳوٺاڻن پاران ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌوء تي ڌاڙي خلاف پرامن احتجاج ڪيو ويو ان تي سنڌ حڪومت نوشهرو فيروز پوليس ۽ پرائيويٽ ماڻهن وسيلي سڌيون گوليون هلرائي زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري شهيد ڪيو ويو آھي ڪيترائي قومي ڪارڪن زخمي ۽ گرفتار ڪيا ويا آھن انهن بي گناه شهيدن جو مرضي مطابق ڪيس به داخل نه ٿو ڪيو وڃي
ابتو لنجار هائوس کي هٿ سان باهه ڏئي قومي ڪارڪنن سميت شهيد جي وارثن تي جهڙتو ڪيس داخل ڪيا ويا آھن وفاق جي نالي تي سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦر لٽ جاري آھي۔ هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ دشمن منصوبا زمينن جي ولار ڪئنال ٺاهن بند ڪرڻ سان شهيدن جا ڪيس سندن وارثن مطابق داخل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
مَي 25, 2025