سکر: هٿياربندن جو مزدور تي حملو، موٽرسائيڪل، پئسا ۽ فون ڦر، پوليس پاران ڪيس داخل، جاچ شروع
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) نامعلوم هٿياربند مزدور کان پئسا، موٽرسائيڪل ۽ فون ڦر ڪرڻ بعد فرار ۔حد ٿاڻي تي رپورٽ داخل۔پوليس ڦورن جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي۔
ان سلسلي ۾ سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد سبزي منڊي روڊ کان نامعلوم هٿياربندن محمد حسن غريب آباد سکر واسي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس استعمال هيٺ موٽر سائيڪل، ڏهه هزار رپيا ۽ هڪ موبائيل فون ڦرڪري فرار ٿي ويا پوليس موجب محنت ڪندڙ نوجوان محمد حسن غريب آباد سکر واسي آهي جيڪو پورهيو ڪرڻ بعد گهر واپس اچي رهيو هو ته هٿياربندن کيس سبزي منڊي روڊ تي هٿيارن جي زور تي روڪي ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا واقعي جي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي تمام جلد ملوث ڦورن کي گرفتار ڪيو ويندو.
مَي 25, 2025