سکر: سنڌو درياهه ۾ وهنجندي 12 ورهين جو ڇوڪرو ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام، علائقي ۾ سوڳ
سکر(بيورورپورٽ) سنڌو درياهه ۾ وهنجڻ دوران 12 ورهين جو ڇوڪرو ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ واقعي جو اطلاع ملڻ تي گهر ۾ ڪهرام، علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ٿي ويو۔ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن سنڌو درياهه ۾ وهنجندي بندر روڊ جو رهواسي ٻارهن سالن جو ڇوڪرو سهل احمد ميراڻي ٻڏي فوت ٿي ويو
اطلاع تي وارثن واقعي واري هنڌ پهچي لاش جي ڳولا بعد کيس ٻاهر ڪڍيو لاش گهر پهچڻ تي ڪرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جو ماحول پکڙجي ويو. واضح رهي ته سکر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ گرمي جي شدت ۾ زبردست اضافي سبب نوجوان گرمي جي شدت کي گهٽائڻ جي پابندي جي باوجود واهن ۽ دريائن جي ڪنارن تي ونهجن ٿا جنهن سبب ٻڏي فوت ٿيڻ جا واقعا ٿي رهيا آھن.
مَي 25, 2025