سکر: پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو، هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار، ٻه فرار، هٿيار هٿ، ڪيس داخل

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر پوليس گشت دوران ڏوهارين سان مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو۔ٻه فرار ان سلسلي ۾ ترجمان ايس ايس پي سکر پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايڇ او ٿان آباد گشت دوران ڪنڊو واھڻ لنڪ روڊ تي واردات جي ارادي سان بيٺل ٽن نامعلوم جوابدارن کي روڪيو ته هنن پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار عرض محمد ولد محمد بخش ميراڻي ويٺل شڪارپور  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدار جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پستول ۽ گوليون هٿ آيون جڏهن ته ٻيا ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو. آباد پوليس 324-353 پي پي سي تحت ڪيس نمبر 102/25 ۽ 23 ايس اي اي تحت ڪيس نمبر 103/25 داخل ڪيو آهي.

مَي 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو