سکر: انتظاميا جو حددخلين خلاف رات دير سان وڏو آپريشن، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، سامان ضبط، ڏنڊ لاڳو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر انتظاميا جي حددخلين خلاف رات دير سان آپريشن، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، دڪانن کان ٻاهر رکيل سامان ضبط، دڪاندارن کي پاڻمرادو حددخلين کي ڊاهڻ ۽ روڊ تي رکيل سامان هٽائڻ جي هدايت ان سلسلي ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن انڪروچمينٽ فورس جي عملي رات دير سان اسسٽنٽ ڪمشنر سکرعروه الياس، ڊائريڪٽر اينٽي انٽروچمينٽ فورس خالد جتوئي، انسپيڪٽر عدنان ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ شهر جي مختلف علائقن ملٽري روڊ، محمد بن قاسم پارڪ، سکر پريس ڪلب روڊ، بندر روڊ ۽ ٻين هنڌن تي آپريشن ڪندي دڪانن جي اڳيان ڪيترن ئي فوٽن تائين قائم حدخليون کي مسمار ڪري ڇڏيو
۽ روڊ تي ڳرو سامان رکڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيا ويا. آپريشن دوران آفيسرن دوڪاندارن ۽ شهرين کي هدايت ته هو پاڻمرادو حددخليون ڊاهن ۽ روڊ تي رکيل سامان هٽائي ڇڏين ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
مَي 25, 2025