”مريم نواز نوجوان نسل جي پسنديده ليڊر بڻجي وئي آهي“

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته مريم نواز نوجوان نسل جي پسنديده ليڊر طور اڀري سامهون آئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته اليڪٽرڪ بائيڪس، اسڪالرشپس ۽ ليپ ٽاپ جي ورهاست جي تقريبن ۾ نوجوانن جو جوش ان حقيقت جو عملي مظهر آهي.
هن چيو ته مريم نواز رڳو واعدا نه ڪيا پر عملي قدمن ذريعي نوجوانن جون دليون کٽيون آهن، نوجوان طبقو تشدد جي سياست کان تنگ ٿي چڪو آهي ۽ تبديلي جو خواهشمند آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه عنصر نوجوانن جي ذهن سازي ڪري کين پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا رهيا، اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ نوجوانن جا دشمن آهن، مريم نواز نوجوانن کي ڏنڊا نه پر ليپ ٽاپ ڏنا، ملڪ ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن وڌي رهيو آهي.

مَي 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو