ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دادو فرحا ناز چنہ پاران انڊڪشن ٽريننگ سينٽر جو دورو، تربيت جي معيار بابت جائزو ورتو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولز ميڊم فرح ناز چنہ اڄ گورنمينٽ اليمنٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن (ويمن) دادو ۾ جاري انڊڪشن ٽريننگ سينٽر جو دورو ڪيو. سندن ساڻس تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر مرد ۽ عورت پڻ موجود هئا فرح ناز چنه ٽريننگ سينٽر جي مختلف ڪلاسن جو جائزو ورتو،
جتي هن تربيت جي ماحول، تدريسي طريقيڪار، ٽريننگ مينوئل ۽ ٻين سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. هن ٽريننگ ۾ شامل استادن سان سڌي سنجيده گفتگو ڪئي ۽ انهن جي مسئلن ۽ تجويزن بابت پڇاڻو ڪيو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ميڊم فرح ناز چنہ جو چوڻ هو تہ اهڙيون تربيتون نون استادن لاءِ انتهائي اهم آهن،
جن سان نه رڳو سندن تدريسي صلاحيتن ۾ واڌارو ايندو، پر شاگردن کي بھتر سکيا جو موقعو پڻ ملي سگهندو. اسان جو مقصد آهي ته هر استاد کي جديد طريقي سان تيار ڪري، معيار کي اوليت ڏني وڃي هڪ استاد، جنهن تربيت ۾ شرڪت ڪئي، پنهنجي راءِ ڏيندي چيو هي ٽريننگ تمام فائديمند آهي،
مينوئل واضح ۽ ڪارآمد آهي، پر جيڪڏهن رهائش ۽ ٻين بنيادي سهولتن ۾ بهتري آندي وڃي ته اسان جي سکيا جو معيار وڌيڪ بلند ٿي سگهي ٿو ياد رهي ته انڊڪشن ٽريننگ جو مقصد نون ڀرتي ٿيل استادن کي تدريسي اصولن، جديد تدريس، ڪلاس روم مئنيجمينٽ ۽ نصاب جي مؤثر انداز سان سکيا ڏيڻ آهي.
مَي 24, 2025