دادو: جيئي سنڌ تحريڪ پاران قومي ڪارڪنن جي شهادتن، گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جيئي سنڌ تحريڪ پاران مورو ۾ قومي ڪارڪنن جي شهادت ۽ دادو   ٻرڙا شاخ انڊس هاءِ وي تي پرامن احتجاج دوران لاٺي چارج گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ظفر احمد ڪوريجو ڪئي، جڏهن ته مظاهري ۾ ذوالفقار علي ابڙو، ساگر سيال، شهزاد ٻگهيو سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

قوم پرست اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد اسپتال ۾ شھيد عرفان لغاري جي وارثن کي ميت نه ڏيڻ مورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ قومي ڪارڪنن تي منظور نظر ايس ايس پي، صوبائي وزير قانون جي حڪم تي وڏيري افضل سولنگي ۽ ٻين پاران گوليون وسايون ويون،

جنهن جي نتيجي ۾ زاهد لغاري شهيد ٿي ويو، جڏهن ته زخمي عرفان لغاري به زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد اسپتال ۾ شهيد ٿي ويو، جنهن جو لاش اڃا تائين رياستي حراست ۾ آهي. اڳواڻن چيو ته اها ڪهڙي قسم جي حڪمراني آهي، جو مقتول زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي ڳوٺن تي سيڪيورٽي فورسز جا ڪڙا چڙهيل آهن، ڳوٺ ۾ ايندڙ ويندڙن تي پابنديون مڙهيل آهن،

 جڏهن ته ڳوٺ ۾ بنيادي خوراڪ جي کوٽ پڻ وڌي وئي آهي. اڳواڻن الزام هنيو ته گذريل رات دادو پوليس جي وڏن اٽالن اي سيڪشن ،بي سيڪشن ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس هٿ وٺي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي اشتعال ڏياريو، انهن تي ڏمرجي چڙهائي ڪئي وئي ۽ مٿن سخت لاٺي چارج ڪئي وئي پوءِ 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن  ھوٽلن تي ويٺل ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. دادو جي مختلف سڃاڻ ڌرين پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي هن حساس معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي.

 جيڪڏهن هن صورتحال کي فوري طور سنڀاليو نه ويو ته عوام جي دلين ۾ پيدا ٿيل نفرتن جو خاتمو ممڪن نه ٿيندو، جيڪو حڪومت سنڌ ۽ پيپلزپارٽي جي سياسي ساک لاءِ وڏي چئلينج جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هاڻي سنڌي ماڻهون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا آهن.

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو