15 جون کان پلاسٽڪ بيگز تي مڪمل پابندي، متبادل بيگز جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ واپارين سان سنڌ ماحولياتي تحفظ ايجنسي جي مشاورت
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ ماحولياتي تحفظ ايجنسي سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اجمل خان تنيو سکر ايوان صنعت و تجارت جي دوري جي موقعي تي صدر محمد خالد ڪاڪيزئي، اڳوڻي صدر عامر علي خان غوري، نائب صدر ملڪ محمد اويس رئيس ۽ ٻين سان خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان پوليٿين بيگز جي استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي
جيڪا 15 جون 2025 کان لاڳو ٿيندي.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن آفيسرن کي آگاهي ڏني ته سکر ريجن ۾ پوليٿين (پلاسٽڪ جون ٿيلهيون )بيگز ٺاهڻ جا ڪارخانا ناهن، ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ان جي پيداوار ۽ دستيابي تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ اهو قدم ڪارائتو نه ٿيندو. هن زور ڏنو ته پابندي جي موثر نفاذ لاءِ ضروري آهي ته متبادل ۽ ماحول دوست بيگز جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ،
ڇاڪاڻ ته پلاسٽڪ بيگز نه رڳو سستا آهن پر عوام لاءِ سهولت پڻ آهن ٻي صورت ۾ ڪاروباري سرگرميون خراب ٿي وينديون ۽ آخرڪار حڪومت جي ٽيڪس آمدني تي به منفي اثر پوندا. شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پوليٿين بيگز جي استعمال تي پابندي کي ملتوي ڪيو وڃي جيستائين موجوده اسٽاڪ ختم ٿي وڃي ۽ مناسب متبادل موجود آهن.
اجمل خان تنيو صنعتڪارين ۽ واپري اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته هو انهن جي تجويزن تي عملدرآمد لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسدالله تنيو ، انسپيڪٽر اعجاز احمد ۽ شاپنگ بيگز ايسوسيئيشن جا عملدار ۽ ميمبر پڻ موجود هئا.
مَي 24, 2025