اسٽيپ فائونڊيشن پاران ڳوٺ ميوو فقير زنگيجو ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ، 200 مريضن کي مفت علاج ۽ دوائون فراهم

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) اسٽيپ فائونڊيشن پاران  يوسي لائق خان جسڪاڻي ڳوٺ ميوو فقير زنگيجو ۾ محمد عظيم رنگيجو ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي ،

 200 مريضن کي مفت چڪاسي دوائون ڏنيون ويون ، ڪيمپ تي ٻارڙن ، عورتن ۽ مردن کي طبي سھولت ڏني وئي ، ڪيمپ تي الٽرا سائونڊ جي پڻ سھولت موجود ھئي ، شائسته بلوچ ، علي احمد زنگيجو ۽ استاد اربيلو قاضي ڪيمپ جي نگراني ڪئي ،

ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم  شائسته بلوچ جو چوڻ ھو  ته اسٽيپ فائونڊيشن جي طرفان ضرورتمند علائقن ۾ به فري ڪيمپون لڳايون وينديون ته جيئن ٻھراڙين جا غريب ماڻھون مستفيد ٿي سگهن اسٽيپ فائونڊيشن هميشه غريب مسڪين ماڻھن کي مفت علاج معالجي جي سهولتن سميت ٻين مسئلن جي خاتمي لاء هر وقت قدم کڻي پئي۔انسانيت جي خدمت ئي اسان جو فوڪس آھي۔

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو