حسن خان کي ضلعي سينٽرل جو چيئرمين ايجوڪيشن نامزد ڪرڻ تي پارٽي ڪارڪنن ۽ قيادت پاران ڀرپور آڌرڀاءُ
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي سينٽرل جي صدر سردار خان اعليٰ قيادت سان صلاح مشوري بعد قومي اسيمبلي جي تڪ NA-248 جي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر حسن خان کي ڊسٽرڪٽ سينٽرل جو چيئرمين ايجوڪيشن نامزد ڪري ڇڏيو.
حسن خان جي مقرري تي پارٽي جي اعليٰ قيادت، ضلعي سينٽرل جي سڀني عهديدارن، ذيلي تنظيمن جي نمائندن، ۽ پارٽي جي جيالن ۽ جيالين کيس دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.
پارٽي ڪارڪنن اميد ظاهر ڪئي آهي ته حسن خان پنهنجي گذريل ڪارڪردگي وانگر هاڻي به ضلعي جي تعليمي نظام ۾ سڌارا آڻيندا ۽ ضلعي سينٽرل جي عوام کي تعليم جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي صلاحيتن کي بروءِڪار آڻيندا. هنن چيو ته حسن خان هڪ تجربيڪار ۽ پرعزم اڳواڻ آهن،
جيڪي هميشه عوامي بهتري لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن. پيپلز پارٽي قيادت طرفان ڪيل اهو فيصلو تعليمي ميدان ۾ اڳڀرائي لاءِ هڪ سٺو قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
مَي 24, 2025