پرڏيهه مان تڙيل پاڪستانين جا پاسپورٽ رد ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پرڏيهه مان ڊيپورٽ ڪيل پاڪستانين خلاف اهم قدم کڻندي، سندن پاسپورٽ رد ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هي فيصلو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران ڪيو ويو، جنهن ۾ پرڏيهه مان نيڪالي ڏنل پاڪستانين خلاف ڪارروائي تي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته پاسپورٽن سان لاڳاپيل قانونن کي وڌيڪ سخت ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي.
گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڊي پورٽ ٿيل ماڻهن جا نالا پنجن سالن لاءِ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويندا.
هن وڌيڪ چيو تهاهڙا ماڻهو پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي شرمساري جو سبب بڻجي رهيا آهن، تنهنڪري کين ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.