سکر:  سول اسپتال انتظاميا جي سنگين نااهلي، مريض عذاب ۾!

Spread the love

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ  ) سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر جي سول اسپتال انتظاميا جي سنگين نااهلي سبب اسپتال مريضن لاءِ شفا خاني بدران عذاب جو گهر بڻجي وئي آهي. اسپتال ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، بجلي جو بحران ۽ صفائي جي ناقص صورتحال مريضن جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي. سول اسپتال، جيڪا هزارين غريب ۽ ضرورت مند مريضن لاءِ آخري اميد هوندي آهي، اتي علاج بدران اذيت ۽ تڪليف مليل آهي.

اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ پاڻي جو هج نه هئڻ ڪري مريضن ۽ سندن وارثن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. بجلي جي بار بار بندش سبب نه صرف مريض گرمي ۾ پريشان آهن، پر طبي عملو به صحيح طريقي سان پنهنجو ڪم نٿو ڪري سگهي. وارڊن ۾ ايئر ڪنڊيشن، فين، ۽ طبي اوزار ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي مريضن جي حالت بگڙجي وئي آهي.

ايم ايس سول اسپتال جي لاپرواهي ۽ انتظامي نااهلي سبب صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. اسپتال جي حالتن تي نظر وجهڻ لاءِ ڪوبه ذميوار موجود ناهي، نه ئي مريضن جي شڪايتن جو ڪو ازالو ٿئي پيو. مريضن جا وارث به سخت پريشان آهن ۽ هن صورتحال کي هڪ قيدخاني سان ڀيٽ ڏني آهي.

ان سلسلي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، ۽ تاجر برادري پاران سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. انهن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ۽ چيف سيڪريٽري فوري نوٽيس وٺن، اسپتال جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. غريب مريضن جي دادرسي ڪئي وڃي ۽ سکر جهڙي اهم شهر جي سول اسپتال کي مڪمل سهولتن سان ليس ڪيو وڃي.

عوامي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي ڪارروائي نه ڪئي وئي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، ۽ ان جو سڌو اثر غريب عوام جي صحت تي پوندو.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو