سکر : آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن سان لالا اسد پٺاڻ جي تعزيت
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن جي والدہ ماجده جي لاڏاڻي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (PFUJ) جي مرڪزي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪري ڳري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو
ان موقعي تي هنن مرحومه جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ لواحقين کي صبر جميل عطا ڪري لالا اسد پٺاڻ ان موقعي تي چيو ته ماءُ هڪ اهڙي عظيم هستي آهي جيڪا محبت، شفقت، قرباني ۽ دعا جي علامت هوندي آهي
ماءُ جي وڇوڙي کي ڪنهن وڏي سانحي کان گهٽ نٿو چئي سگهجي، ان جو خال زندگي جي هر موڙ تي شدت سان محسوس ٿئي ٿو ماءُ اها هستي آهي جنهن جي قدمن هيٺان جنت آهي، جيڪا بي لوث محبت ڪندي آهي ۽ اولاد لاءِ هر ڏک سک سهي ويندي آهي
هن وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن جي والدہ هڪ باوقار خاتون هئي جن پنهنجي ٻارڙن جي بهترين تربيت ڪئي ان موقعي تي اڳوڻي آءِ جي سلطان خواجه، غلام حيدر جمالِي سميت مختلف سماجي، صحافتي ۽ پوليس حلقن جي شخصيتن به ڏک جو اظهار ڪيو.
مَي 23, 2025