سيٺارجا ۾ مسافر وين ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ چار زخمي، حالت خطري کان ٻاهر

Spread the love

سيٺارجا ( رپورٽ: رمضان منگي )  سيٺارجا ويجھو پير ٻڍڙو اسٽاپ لڳ مھراڻ ھائي وي تي درگاھ پير صدق علي وٽ مسافر وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾چار مسافر زخمي  تفصيل موجب: سيٺارجا ويجھو پير ٻڍڙو اسٽاپ لڳ مھراڻ ھائي وي تي درگاھ پير صدق علي وٽ مسافر وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر نتيجي ۾ چار مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن کي اعلاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ پھچايو ويو سيٺارجا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ٽرڪ کي پنھنجي تحويل وٺي ڇڏيو ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر وين ٺري ميرواھ مان مسافر کنيون سکر طرف وڃي پئي

 جڏھن ته ٽرڪ بہ نوابشاھ مان لوڊ کنيون سکر طرف وڃي پئي ٽرڪ واري وين کي پويان ٽڪر ھنيو آھي جنھن سبب پوئين سيٽ تي ويٺل مسافر زخمي ٿيا آھن جن جي سڃاڻپ رابعه ڪلھوڙو، جمعو راڄڙ، لطيفان جکراڻي، رستم انصاري، ۽ عابد انصاري طور ٿي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو