سکر: ٿاڻو نيوپنڊ ۾ آڪڙو پرچي ۽ جوا جو ڪاروبار عروج تي، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي، ايس ايس پي سکر کان سخت ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

سکر( رپورٽ۔امداد گل ڪلوڙ  ) ٿاڻو نيوپنڊ جي حدن ۾ آڪڙو پرچي جو ڪاروبار چوٽي تي، شهري ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو تفصيل موجب، ٿاڻو نيوپنڊ جي حدن، جهڙوڪ ڪوري هوٽل ۽ ٻين هنڌن تي پوليس جي سرپرستي هيٺ کلي عام آڪڙو پرچي ۽ جوا جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي.

 ٿاڻو نيوپنڊ جي علائقن، هوٽلن ۽ دڪانن تي سماجي برائين ۾ ملوث ماڻهن کلي عام پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي.ايس ايس پي سکر جي هدايتن تي ڪجهه مهينا اڳ پرچي جوا ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا هئا، پر هاڻي وري شهر جي مختلف علائقن، جهڙوڪ ڍڪ روڊ، سبزي مارڪيٽ، روهڙي، آباد، پراڻو سکر، بشير آباد ڪالوني، بيراج ڪالوني، نيوپنڊ، نصرت ڪالوني، افغان سينٽر، کجور مارڪيٽ سميت ٻين علائقن ۾ پرچي جوا ٻيهر زور وٺي ويو آهي.

سکر ۾ آڪڙو پرچي جوا جي ڪاروبار جي عروج تي پهچڻ باوجود عوامي شڪايتن تي ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي. ضلعي انتظاميه ۽ پوليس هن ڪاري ڌنڌي جي خلاف اکين تي پٽي ٻڌي ويٺي آهي،

جنهن سبب علائقي واسين سميت سماجي حلقن ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي.شهرين جو چوڻ آهي ته پئسي جي لالچ سبب نوجوان نسل ۽ سنجيده ماڻهو به پرچي جوا جي لت ۾ ڦاسي چڪا آهن، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گهر جو قيمتي سامان وڪڻي آڪڙو پرچي جو جوا کيڏڻ ۾ لڳل آهن، ۽ ڪيترائي ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن.پوليس رڳو ڏيکاءُ لاءِ پرچي جوا هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ٿي،

 پر لکين رپين جي ڀتو وٺڻ سبب ان ڪاري ڌنڌي جي جڙون ڪاٽڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري. علائقي واسين اعليٰ اختيارين سميت ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، ٿاڻو نيوپنڊ جي حدن مان آڪڙو پرچي جو جوا مڪمل طور ختم ڪرايو وڃي.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو