ملير: سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبير نوناري جي اوچتي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙ

Spread the love

ملير (ڊر ) سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زبيرنوناري جي اوچتي وڇوڙي تعزيتي ميڙاڪو پپري جي شاهنواز ڳوٺ ۾ سنڌي مزدور تحريڪ ،عوامي تحريڪ ڪراچي طرفان ملهايو ويو

جنهن ۾ عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ ،سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ، عوامي تحريڪ جي سڀني محاذن ،سياسي سماجي اڳواڻن ، صحافين ۔اديبن ،وارثن ۽ علائقي واسي وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا ان موقعي تي اڳواڻن  حاجي خان سمون ، اعظم مريداڻي ،  اقبال جروار ، پرھ سومرو ، عبدالله ٻپڙ ، عبدالخالق گندرو ، لال پهنور ، محمد موسي پنهور ، زوهيب سنڌي ، نوروز سنڌي ، عرفان لاشاري ۽ ٻين چيو ته زبير نوناري سنڌي مزدورن جي مسئلن تي سدائين ميدان عمل ۾ رهيو آخري گهڙي تائين مزدورن جي مسئلن جدوجهد جاري رکئي هنن چيو ته فوت ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ گهگهر جي نجي ڪمپني مزدورن جي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو زبير نوناري نه رڳو عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل هيو

 پر هو اسان ويجهو ساٿي هيو جيتري هن جي پگهار گهٽ هوندي به مهانگائي جو  دور ۾ ڪراچي جي هر هنڌ ترت پهچي ويندو هيو

هوء پارٽي جي ڪم لاء پيرين پنڌ پهچندو هيو پارٽي کي پنهنجو رت ست ڏئي پارٽي جو ڳاٽ اوچو رکندا آھن هن پنهنجي ڌرتي لاء تمام گهڻي جدوجهد ڪئي ،  زبيرنوناري ڏک تڪليفن ۾ به ڌرتي لاء جدوجهد ڪندو رهيو ساٿي اوچتو وڇڙي ويو زبير جي واکاڻ ڪجي گڏ آھي آھي زبير نوناري وڏيرين جاگيرن سردارن کي قبول نه ڪيو مزدورن پورهيتن سان گڏ بيٺو رهيو هوندو هيو

جڏهن مزدورن سان مسئلا ٿيندا هئا ترت پهچندو هيو ۽ اسان کي به چوندو هيو اچو گڏجي جدوجهد ڪريون مزدورن جا حق وٺجن مزدورن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ميدان ملهايون آخري گهڙي تائين پليجو جي واٽ تي رهيو پليجو صاحب جي ڏنل فڪر تي قائم رهيو  زبير نوناري جون قومي خدمتون ياد رکيون وينديون

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو