سکر ڊويزن ۾ پوليو خاتمي لاءِ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس، ڪمشنر فياض حسين عباسي جو قومي خدمت طور پوليو مهم تي زور

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي جي صدارت ۾ پوليو  جي خاتمي لاءِ جوڙيل ڊويزنل ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ٿي گذري۔ ان موقعي تي ڪمشنر سکر چيو ته پوليو جو خاتمو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي, ٻارن جي حفاظت لاء سمورا ادارا رابطي کي بهتر ڪن, پوليو ٽيمن جي مجموعي ڪارڪردگي سٺي آهي، ساڳي ڪاڪردگي مستقبل ۾ به برقرار رکي وڃي۔

 هنچيو ته مستقل انڪاري ڪيسن تائين پهچڻ لاءِ ليڊي پوليس جي مدد حاصل ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به ٻار غير محفوظ نه رهي۔ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڏيندي چيو ته صوبائي سطح جيان پوليو ٽيمن جي ڪاڪردگي ضلعي سطح تي  معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ اسڪورنگ ڪارڊ متعارف ڪرايو وڃي, پوليو مھم دوران ڪوبه مسئلو پيش اچي تہ ان جي فوري طور آگاهي لاڳاپيل ايس ايس پي, ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر آفيس سان شيئر ڪئي وڃي۔

هن چيو ته پوليو مھم ۾ ڪم کي هڪ نوڪري نه، پر هڪ قومي خدمت سمجهي سرانجام ڏنو وڃي. ڪمشنر سکر جون صحت جي عملدارن کي هدايت ڏيندي چيو ته عملي کان ڪم نه وٺڻ  انتظاميه جي ڪمزوري آهي، تنهنڪري انتظامي مھارتون بهتر بڻايون وڃن, صحت سان لاڳاپيل جيڪي ملازم پوليو مهم دوران فيلڊ ۽ آفيسن اندر غير حاضر رهن انهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻيندي اعلي اختيارين کي لکيو وڃي. 

ڪمشنر سکر فيا حسين عباسي پي پي ايڇ آئي جو ريجنل ڊائريڪٽر کي هدايت ڏيندي چيو ته ڊويزن جي سمورن اي پي آئي سينٽرن کي فنڪشنل بڻايو وڃي, اي پي آئي سينٽر پي پي ايڇ آئي جي نگراني هيٺ ڪم ڪن ٿا اتي ويڪسينيٽر ۽ ٻئي عملي جي غيرموجودگي سبب عوام مشڪلاتون ڏسي رهيو آهي هو  اي پي آئي سينٽرن جو ذاتي حيثيت ۾ دورو ڪري ۔ ڪمشنر سکر ڊويزن پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاء گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ  يونين ڪاؤنسلن جي يو سي ايم اوز ۽ ايريا انچارجن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي,

 ڊويزن اندر زيرو ڊوز ڪوريج کان رهجي ويل ٻارڙن تي فوڪس وڌايو وڃي۔ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي پوليو سان لاڳاپيل ادارن جي عملدارن هدايت ڏيندي چيو ته هيٽ ويو دوران پوليو ٽيمن کي گرمي کان بچاء لاء او آر ايس, ڇٽيون ۽  برف جو انتظام ڪيو وڃي۔ ان موقعي تي ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ چيو ته ايندڙ پوليو مهم لاء سڪيورٽي جي حوالي سان تياري مڪمل آهي, پوليو ٽيمن کي فول پروف سڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي, پوليو ٽيمن جي سڪيورٽي لاء نفري وڌائي وئي آهي جڏهن ته ليڊي پوليس به مهم دوران دستياب هوندي۔

 اجلاس کي ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ پوليو مهم لاء تياري مڪمل آهي, گذريل پوليو مهم ۾ پيش آيل مسئلن کي نظر ۾ رکي مائڪرو پلان جوڙيو آهي۔ گذريل مهم ۾ ٽارگيٽ پورو ڪيو ايندڙ مهم ۾ 100 سيڪڙو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو ويندو, جن اي پي آئي سينٽرن تي ويڪسينيٽرز جي ڪمي آهي اتان جي اسٽاف کي ٽريننگ ڪرائي ويڪسينيٽر جو ڪم ورتو ٿو وڃي۔ اجلاس کي ڊاڪٽر جميل پاران ڊويزن جي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ايندڙ پوليو مهم 26 مئي کان شروع ٿي رهي آهي, گهٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ يوسيز تي هن مهم ۾ وڌيڪ فوڪس رکيو ويو آهي,

 جن يوسيز اندر زيرو ڊوز ڪوريج جا اشوز آهن ان کي هاء لائيٽ ڪيو ويو آهي۔ ٽيمن جون ٽريننگز ڪرايون ويون آهن, مائڪروپلان تحت تياري مڪمل آهي۔ اجلاس ۾ ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ, ڊي سي سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو, ڊي سي خيرپور فياض حسين راهوجو, ڊي سي گهوٽڪي سيد محمد علي, ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر نديم, ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايڇ آئي سراج الدين,  ٽنهي ضلعن جا ڊي ايڇ اوز, ٽنهي ضلعن جا ڊسٽرڪٽ مينيجر پي پي ايڇ آئي سميت صحت, پوليو, تعليم, ڊبليو ايڇ او , پوليس  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو