ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پوليو خلاف قومي مهم جو شاندار افتتاح ۽ انتظامن جو جائزو
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري قومي مھم جو افتتاح ڪري ڇڏيو بعد ۾ پوليو خلاف قومي مھم جي سلسلي ۾ انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاء ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو ته پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مھم تمام گھڻي اھميت رکي ٿي ڇاڪاڻ ته مستقبل جي معمارن کي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ تمام ضروري آھن
ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کنيا وڃن ان سلسلي ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاهي ھرگز برداشت نه ڪئي ويندي ڊپٽي ڪمشنر کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ پوليو خلاف قومي مھم دوران پوليو ٽيمن جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي جڏھن پوليو ويڪسين جي ڪولڊ چين برقرار رکڻ ۽ سمورن صحت مرڪزن ۾ ھيٽ ويو کان بچاءَ لاءِ قائم سينٽرن کي مڪمل فعال بڻايو وڃي
ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ضلع جي سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي استادن کي پابند بڻايو وڃي تہ ھو پوليو ٽيمن سان تعاون ڪندي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارين ڊپٽي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ سمورن يوسي سيڪريٽرين کي تعلقي سطح تي منعقد ٿيندڙ پوليو خلاف منعقد ٿيندڙ جائزي اجلاسن ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صحت ۽ ٻيا لاڳاپيل کاتا پوليو جي خاتمي لاءِ انھي جذبي سان ڪم جاري رکن ڊپٽي ڪمشنر پوليس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ مھم دوران پوليو ٽرانزٽ پوائنٽن تي پوليس اهلڪارن جي مقرري کي يقيني بڻايو وڃي
ان موقعي تي اجلاس کي آگاھي ڏيندي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري ۽ پوليو بابت مقرر فوڪل پرسن ڊاڪٽر الله بخش راجپر ٻڌايو ته پوري ملڪ جيان ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ پوليو خلاف قومي مھم 26 مئي کان پھرين جون تائين منعقد ٿي رھي آھي
مھم دوران ضلع جي 4 لک 26 ھزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا انھي مقصد لاءِ 1314 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جن ۾ 1212 موبائل، 23 ٽرانزٽ ۽ 79 فڪس ٽيمون شامل آھن ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليو مھم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پوليو ٽيمن جي تربيت، مائڪرو پلان جي تياري سميت سمورا گھربل انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن
اجلاس ۾ مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسان ظفر، ٽائون ڪميٽين جي چئيرمين سيد عاطف زيدي، محمد حيات ڪاڪپيوٽو کان علاوہ صحت، پوليس،تعليم، پاپوليشن، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.
مَي 22, 2025