مٺيءَ ۾ پوليو مهم جو افتتاح، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران آگاهي ريلي ۽ ورڪرن کي هدايتون

مٺي (رپورٽ: الهڏنو بجير) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران ضلعي ۾ پوليو مهم جو افتتاح، آگاهي ريلي، خبر موجب: ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي سول اسپتال مٺي ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياري ضلعي ٿرپارڪر ۾ 26 مئي 2025 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو،
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر صحت کاتي جي عملدارن ۽ پوليو مهم ورڪرن کي هدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران انتظام مڪمل ڪيا وڃن، پوليو مهم دوران هر گهر تائين پهچي پنج سالن جي ٻارن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا ذميواري سان پيارا وڃن،
پوليو مهم دوران ڪو به مسئلو هجي ته ان جو بروقت اطلاع ڏنو وڃي جيئن ان کي حل ڪري سگهجي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي اڳواڻي ۾ پوليو مهم جي حوالي سان آگاهي ريلي ڪڍي وئي،
پوليو مهم جي افتتاح واري موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي، سول سرجن سول اسپتال مٺي ڊاڪٽر هريش ڪمار جڳاڻي، پوليو فوڪل پرسن ٿرپارڪر ڊاڪٽر ڀرت ڪمار، لاڳاپيل آفيسر ۽ صحت کاتي جي ملازمن سميت شهري موجود هئا.
مَي 22, 2025