چين پاران ڀارت کي هوائن ۾ مات ڏيندڙ پاڪستان ايئرفورس جي ” جَي-ٽين سِي“ تي دستاويزي فلم جاري

Spread the love

بيجنگ (ويب ڊيسڪ(پاڪ فضائيه جي J-10C جنگي جهازن ڀارت تي اهڙو وائڙو ڪيو جو سڄي دنيا پاڪستان جي فضائي قوت جي بهادري ۽ پيشوراڻين صلاحيتن جا ڳڻ ڳائي رهي آهي.
پاڪ فوج جي آپريشن” بُنيان مرصوص“ تحت پاڪ فضائيه ڀارت کي اهڙي عبرتناڪ شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ هوائي محاذ تي پاڪستان کي سرسي حاصل ٿي، جڏهن ته ڀارت جي حصي ۾ رڳو شرمناڪ ناڪامي آئي.
ان جو هڪ مثال چين جي ” جي-ٽين سي “ جي ڪاميابي تي دستاويزي فلم نشر ڪرڻ آهي، جنهن کانپوءِ جهازن جي جنگي ڪاميابي عالمي سطح تي ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته J-10CE، جيڪو J-10C جو ايڪسپورٽ ورزن آهي، حقيقي جنگ دوران دشمن جا جهاز ڪاميابي سان تباهه ڪيا ۽ اها انهن جهازن جي پهرين جنگي ڪاميابي آهي.
دستاويزي فلم ۾ ڄاڻايو ويو آهي پاڪ ايئر فورس انهن جهازن سان ڀارتي جهازن کي تباهه ڪيو، جن ۾ فرانسيسي جنگي جهاز ”رافيل“ به شامل هو.
دستاويزي فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته J-10C هڪ سنگل انجڻ وارو، ملٽي رول جنگي جهاز آهي، جيڪو جديد AESA ريڊار، گهٽ ريڊار ڪراس سيڪشن، جديد ايڊيوئنڪس، ۽ ڊگهي رينج وارن PL-15 ميزائل سان ليس آهي.
ڊاڪيومينٽري موجب، J-10 جهازن جي تياري جو عمل 1980ع واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو، جڏهن چين کي احساس ٿيو ته ان جا جهاز آمريڪا ۽ سوويت يونين جي ٽيڪنالاجي کان پٺتي آهن.
سال 1997ع ۾ J-10 جو پهريون ماڊل تيار ٿيو، جنهن کي ”فضائي دفاع جي تاريخ جو هڪ معجزو“ قرار ڏنو ويو، 2003ع ۾ اهي جهاز چين جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيا.
ان کان پوءِ ان طيارن جو جديد ورزن پاڪستان برآمد ڪيو ويو، جن کي پاڪ فضائيه دشمن خلاف وڏي مهارت ۽ بهادري سان استعمال ڪيو.
ياد رهي ته 2020ع کان 2024ع تائين پاڪستان جون 81 سيڪڙو دفاعي درآمدات چين مان ٿيون ۽ چين هاڻي پاڪستان جو سڀ کان وڏو هٿيار فراهم ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو